سوڀناريءَ جي ڍنڍ

سوڀناريءَ جي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي جوهيءَ ۾ ڳوٺ بچل خان جماليءَ جي ويجھو آهي. هن ڍنڍ جي اولهه ۾ بهاولپور ڳوٺ آهي. هن ڍنڍ جو شمار جوهي تعلقي جي وڏين ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو. مقامي روايتن موجب ڍنڍ جو نالو ڪنهن هندو عورت سان منسوب آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇيءَ جو چڱو شڪار ٿيندو آهي. پکيڙ جي لحاظ کان هيءَ ڍنڍ دادو ضلعي جي وڏين ڍنڍن ۾ شمار ٿئي ٿي. الهندي ناري جي ڪناري واقع هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي جام ٿين ٿا. پکيڙ ۾ هيءَ ڍنڍ 1200 ايڪڙ کن ٿيندي، جتي هڪ ٻيڙي پڻ موجود رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو